اين سي او سي پاران ڪورونا پابندين ۾ نرمي جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪاروباري پابنديون نرم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.اين سي او سي اجلاس ۾ سموري ملڪ ۾ ويڪسينيشن مهم لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي ڪئي وئي. سمورن شهرين جي رضاڪارانه طور تي ويڪسينيشن جي حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي. اين سي او سي جي نوٽيفڪيشن موجب سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ملازمن لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي. سمورن سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ملازمن کي 30 جون تائين ويڪسين لڳرائڻي پوندي.اين سي او سي موجب سموري ملڪ ۾ ويڪسينيشن مرڪز 11 جون کان صبح 8 وڳي کان رات 10 وڳي تائين کليل رهندا. جمعي تي ويڪسينيشن مرڪز کليل رهندا. صرف آچر جي ڏينهن بند رهندا. اين سي او سي موجب 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 11 جون کان 18 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو واڪ ان(يعني ڪنهن به ويڪسينيشن سينٽر تي وڃي) ويڪسين ڪرائي سگهن ٿا.اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هاڻ ڪاروبار هفتي ۾ 2 ڏينهن جي بجاءِ هڪ ڏينهن بند هوندو ڪهڙي ڏينهن ڪاروبار بند رکڻو آهي ان جو فيصلو صوبا ڪندا. آفيسن ۾ به 100 سيڪڙو حاضري سان ڪم ڪرڻ جي اجازت هوندي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 50 سيڪڙو مسافرن جي پابندي ۾ نرمي ڪئي وئي. پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ هاڻ 79 سيڪڙو مسافر ويهارڻ جي اجازت هوندي. اين سي او سي موجب مزارون ۽ سئنيما گهر لاڳيتو بند رهندا. صرف مخصوص راندين جي سرگرمين جي اجازت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو