اين اي 249 ۾ شفاف چونڊن لاءِ انتظام مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ گڏيل طور تي ڪمشنرآفيس ۾ اين اي 249 جي ضمني چونڊن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي سڀ ادارا مضبوط رابطي تحت ڪم  ڪندا اليڪشن کي غير جانبدار طريقي سان ڪرائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو ته ضمني چونڊون پرامن ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو ريٽرننگ آفيسر اين اي 249 ريجنل اليڪشن ڪمشنر سيد نديم حيدر انتظامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق ٻڌايو ويو. ڪمشنر سڀني واسطيدار آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل کي يقيني بنايو وڃي ته چونڊون پرامن ۽ شفاف ٿين۔ اجلاس ۾ سنڌ جي سيڪريٽري  رحيم شيخ ، ريجنل اليڪشن ڪمشنر ضلعي ريٽرننگ آفيسر نديم حيدر ، ايڊيشنل ڪمشنر ڪراچي جواد مظهر ، ڊپٽي ڪمشنر ڪياري مختار ابڙي ، ڊپٽي ڪمشنر غربي سليم الله اوڊو ، پوليس جي ڊي آءِ جيز ، پاڪستان رينجرز ۽ سينيئر آفيسرن ، جنرل ڪمشنر ڪراچي اعجاز رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ پولنگ عملي ۽ سهولتن جي فراهمي جي انتظامن جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا ايس او پيئرز کي مؤثر انداز ۾ نافذ ڪيو ويندو ۽ ڊپٽي ڪمشنر ماسڪ ۽ سينٽيسٽرز جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب قدم کڻڻ ۽ مناسب فاصلا يقيني بڻائڻ جي لاءِ   ڪمشنر  سڀني ڊپٽي ڪمشنر کي کي هدايت ڪئي ته پرامن ۽ صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ، پولنگ عملو ۽ اليڪشن ڪميشن   پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو .اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو