اين اي 242 تي نوازليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان مسلم ليگ(ن) سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اين اي 242 ڪراچي تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ واري خبر جي ترديد ڪريون ٿا. اهڙي خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي.خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته اين اي 242 تان مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اميدوار آهي. ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون هلايون ويون افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو