ايم ڪيو ايم وفد جي بلاول ڀٽو سان ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وفد اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي آهي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جا سينئر اڳواڻ شريڪ ٿيا. ايم ڪيو ايم چيئرمين خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار ايم ڪيو ايم وفد جو حصو بڻيا.ملاقات جي دوران ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ملڪ خاص طور تي سنڌ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ڌرين ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ملي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ رابطا جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جو جلد ٻين پارٽين جي سربراهن سان ملاقات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو