ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري سيد اعجاز علي شاهه جي سربراهي ۾ نظرثاني ڪميٽي وڌيڪ 4 ماڻهن جا ايم پي او آرڊر واپس وٺي ڇڏيا آهن، ان کان اڳ 14 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. سنڌ جي گهرو کاتي ان سلسلي ۾ وڌيڪ 04 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جا الڳ الڳ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. جن ماڻهن جا ايم پي او آرڊر واپس ورتا ويا انهن ۾ نواز پٽ آزاد، رمضان پٽ محمد ڪلام، حمزه پٽ خالد ۽ مقصود پٽ سليم شامل آهن. گهرو کاتي پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ سکر، ميرپورخاص ۽ شڪارپور جي جيلن جي سينيئر سپرنٽينڊنٽ کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد نه ناهين ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي. واضح رهي ته سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري سيد اعجاز علي شاهه جي سربراهي ۾ هڪ نظرثاني ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڪراچي رينج، ايڊيشنل سيڪريٽري (جوڊيشل) سنڌ گهرو کاتي ۽ رجسٽرار اي ٽي سي/ اي ٽي اي ڪورٽ شامل آهن. ڪميٽي پاران مليل درخواستن جو جائزو وٺڻ بعد مٿين 04 ڄڻن جا ايم پي او آرڊر واپس وٺي ڇڏيا آهن.










