اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان اي اين پي اڳواڻ امل ولي خان ملاقات ڪئي.ترجمان موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اي اين پي خيبرپختونخواهه جي صدر امل ولي خان زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي،صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ نيئر بخاري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي موجود هيو،صدر آصف زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ امل ولي خان وچ ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.










