واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)سوشل ميڊيا ايپ ٽوئيٽر جي باني ايلون مسڪ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو معطل ڪيل اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيو آهي.ايلون مسڪ ڪالهه ٽوئيٽر استعمال ڪندڙن کان پڇيو ته ڇا ڊونلڊ ٽرمپ کي ٽوئيٽر تي واپس آڻڻ گهرجي يا نه؟ جنهن تي 52 سيڪڙو صارفين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽرمپ کي ٽوئيٽر تي واپس آڻڻ گهرجي.هاڻي خبرون اچي رهيون آهن ته ايلون مسڪ ڊونلڊ ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي خبر ايلون مسڪ سوشل ميڊيا تي ڏني هئي.هن چيو ته 134 ملين ماڻهن ٽرمپ بابت پول ڏٺو ۽ 52 سيڪڙو سندس اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ 2021 ۾ اشتعال انگيز بيانن سبب معطل ڪيو ويو هو ۽ ٽرمپ اهو به اعلان ڪيو هو ته سندس اڪائونٽ معطل ٿيڻ کانپوءِ هو ٽوئيٽر پليٽ فارم تي نه هوندو.
