واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ جي خلاف ٽوئيٽر پاران داخل ڪيل هڪ مقدمي جي ٻڌڻي ڪندڙ جج ٽسلا جي باني جي مڪمل ڊيٽا تائين رسائي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پر جج ايلون مسڪ کي ٽوئيٽر جي ڪجهه ڊيٽا تائين رسائي ڏيڻ تي راضي ٿي ويو ۽ سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ کي حڪم ڏنو ته اها ڊيٽا دنيا جي امير ترين شخص کي فراهم ڪئي وڃي.ٽوئيٽر کي هڪ جج طرفان حڪم ڏنو ويو آهي ته ايلون مسڪ کي 9000 کان وڌيڪ اڪائونٽس تي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي جيڪا سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ 2021 جي چوٿين ٽه ماهي دوران جانچ ڪئي ته جيئن پليٽ فارم تي اسپام اڪائونٽس جي نشاندهي ڪري سگهجي.اهڙي طرح ٽوئيٽر کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي دستاويز پيش ڪن جنهن ثابت ڪن ته اهي اڪائونٽ جاچ لاءِ چونڊيا ويا هئا.ايلون مسڪ جي وڪيلن 200 ملين کان وڌيڪ ٽوئيٽر اڪائونٽس جي ڊيٽا تائين رسائي جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي رد ڪيو ويو.ٽوئيٽر طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته 2021 جي چوٿين ٽه ماهي دوران چيڪ ڪيل ڊيٽا هاڻي موجود ناهي ۽ ان کي ٻيهر تيار ڪرڻ ۾ 2 هفتا لڳي سگهن ٿا.جنهن تي جج ڪمپني کي ڊيٽا فراهم ڪرڻ لاءِ 2 هفتن جو وقت ڏنو. ايلون مسڪ جي وڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته اسان ان ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جنهن کي ٽوئيٽر مهينن کان لڪايو آهي.










