ايلن مسڪ پاران ٽوئيٽر خريد نه ڪرڻ جو اشارو

ايلن مسڪ پاران ٽوئيٽر خريد نه ڪرڻ جو اشارو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ايلون مسڪ، ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني، ٽوئيٽر خريد ڪرڻ لاءِ 44 بلين ڊالر جي ڊيل تان واپس وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي.رائٽرز جي رپورٽ موجب دنيا جي امير ترين شخص جي وڪيلن طرفان ٽوئيٽر تي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ اسپام ۽ جعلي اڪائونٽس جي ڊيٽا فراهم نه ڪري سگهي ته هو ان کي خريد ڪرڻ جو فيصلو تبديل ڪري سگهن ٿا. خط ۾ چيو ويو آهي ته ٽوئيٽر پنهنجي واعدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو هو ۽ ايلون مسڪ کي ڊيل کي منسوخ ڪرڻ جي طاقت هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو