ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان بدستور گري لسٽ ۾ برقرار

ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان بدستور گري لسٽ ۾ برقرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف اي ٽي ايف جو ورچوئل اجلاس 1 مارچ کان 4 مارچ تائين پيرس ۾ ٿيو جنهن ۾ پاڪستان بابت ايشيا پيسفڪ گروپ جي رپورٽ تي غور ڪيو ويو. رپورٽن مطابق ايف اي ٽي ايف جمعي تي پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته پاڪستان 2018 جي ​​ايڪشن پلان جي 27 مان 26 نقطن تي عملدرآمد ڪيو آهي. ايف اي ٽي ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر چيو آهي ته اسانجي اپائن کي ساراهيو ويو آهي، اسين جلد گهربل ٽارگيٽ حاصل ڪري وٺنداسين. ايف اي ٽي ايف گڏيل عربامارات کي به گري لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو