سائبر ڪرائم جي جاچ لاءِ حڪومت پاران نئون ادارو قائم

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سائبر ڪرائم کي ايف آءِ اي کان الڳ ڪري نئون ادارو بڻائي ڇڏيو. حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سائبر ڪرائم جي روڪٿام لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ( اين سي سي آءِ اي ) نالي سان نئون ادارو ٺاهيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، اين سي سي آءِ اي جو جاچ ادارو ايڪٽ جي شق 29 تحت قائم ڪيو ويو، اين سي سي آءِ اي ايڪٽ تحت حاصل اختيار استعمال ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف آءِ اي ان ايڪٽ تحت نامزد جاچ اداري جي معاملن تي ڪم روڪي ڇڏيندي، سمورا اهلڪار، ڪيسز، انڪوائريز، جاچ ايف آءِ اي کان اين سي سي آءِ اي ڏانهن منتقل ٿينديون. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت اين سي سي آءِ اي جي ڊي جي جي مقرري ٻن سالن لاءِ ڪندي، ڊي جي اين سي سي آءِ اي پوليس آرڊر 2022ع تحت آءِ جي جا اختيار استعمال ڪندو. نوٽيفڪيشن موجب، اين سي سي آءِ اي جي معاملا گهرو وزارت ڏسندي، سائبر ڪرائم جي حوالي سان سمورا ڏوهه نيشنل ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي کي موڪليا ويندا، سائبر ڪرائم بابت ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پراسيڪيوشن اين سي سي آءِ اي پاڻ ڪندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اين سي سي آءِ اي جا پنهنجا ٿاڻا هوندا، آفيسرن کي سائبر ڪرائمز بابت خاص سکيا ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن موجب، سموري ملڪ ۾ سوشل ميڊيا ۽ ايپس بابت سمورا معاملن جي اين سي سي آءِ اي نگراني ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو