لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي پنهنجو موقف عدالت ۾ پيش ڪيو.وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسپيشل جج سينٽرل اعجاز حسن اعواڻ ايف آءِ اي جي پراسيڪيوشن ٽيم جي درخواست کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.










