ايف آءِ اي سليمان شهباز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو

ايف آءِ اي سليمان شهباز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسپيشل جج سينٽرل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سليمان شهباز جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسپيشل پراسيڪيوٽر فاروق باجوا ۽ جاچ آفيسر ضمني چالان سميت عدالت ۾ پيش ٿيا.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته سليمان شهباز خلاف مني لانڊرنگ جا ڪي به ثبوت نه مليا، سليمان شهباز خلاف ڪڪ بيڪ جا به ثبوت نه مليا.ٻڌڻي دوران جج پڇاڻو ڪيو ته چالان جو رڪارڊ ڪٿي آهي؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته چالان ريگيولر اٿارٽي کان منظوري بعد پيش ڪيو ويندو.عدالت چيو ته توهان کان چالان پڙهڻ لاءِ ورتو ويو آهي، واپس ڪيو ويندو.سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته ايف آءِ اي چالان ۾ سليمان شهباز کي بيگناهه قرار ڏنو آهي، جنهن تي سليمان شهباز ۽ طاهر نقوي درخواستون واپس وٺڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو