ايس پي آفيس عوام لاءِ کليل آهي، مسئلا ترت حل ڪبا، پتافي

نوشھرو فيروز  )رپورٽ منظور ملڪ( نئين مقرر ٿيل ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي چيو آهي ته شهري پنھنجي شڪايتن جي حل لاءِ ڏينهن جو 12 بجي کان 2 بجي تائين رابطو ڪري سگھن ٿا.  عوامي شڪايتن جو ترجيحي بنيادن تي ازالو ڪيو ويندو۔ اھڙن خيالن جو اظھار هن خميس تي ملاقات لاءِ آيل مختلف ماڻهن سان ڳالھائيندي ڪيو۔ هن چيو ته مان چاھيان ٿو ته عوام جا مسئلا لاڳاپيل آفيسرن کي گھرائي سندن سامھون حل ڪرايان. ھن چيو ته عوام بنا ڪنھن خوف جي پنھنجا جائز مسئلا کڻي اچي. پريس ڪلب مٺياڻي (رجسٽرڊ) جي وفد ۽ انساني حقن جي اڳواڻن سان ڳالھائندي هن چيو ته ڏوھاري ڪيڏو به چالاق ۽ با اثر ڇو نه ھجي بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي ٿيندي ۽ غفلت ڪندڙ آفيسر سزا کان نه بچي سگھندا۔ صحافين جي وفد ۾ سڪندر علي پنھور، رانا غلام سرور؛ انساني حقن جي مشھور اڳواڻ ۽ سينئر وڪيل لالا حسن پٺاڻ، ايڊوڪيٽ ڪاشف ملڪ ۽ ٻين پڻ ايس ايس پي سان ملاقات ڪئي. ھن موقعي تي ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي  عوام کي گزارش ڪندي چيو ته ڏوھارين ۽ ڪرپٽ آفيسرن جي نشاندھي ڪن اھڙين ڪارين رڍن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. هن ڪاشف ملڪ جي شڪايت تي ايس ايڇ او مٺياڻي کان شھر جي سمورين چورين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو