ايس ٽي پي جي سڏ تي لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي ڌرڻو

شھدادڪوٽ( وقار ڀٽي ) شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي شهر ۾  بجلي جي اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ، سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ، سيپڪو عملدارن جي مبينا ناانصافين ۽ ڪرپشن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي شهر ۾ بجلي جي اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ، سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ، ميبنا ناانصافين، غير اخلاقي رويئي ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي جاچ ڪرائڻ لاء  حيات تونيو، شبير مگسي، امداد سومرو، پي پي شهيد ڀٽو اڳواڻن منير بروهي، ذوالفقار مگسي، عمران خشڪ، داد محمد کنڊ، محسن ميرجت، رشيد مگسي، زاهد مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سبزي منڊي کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شھدادڪوٽ سنڌ جو تمام گهڻو گرم علائقو آھي جتي هيئنر به گرمي پد 52 سينٽي گريڊ آھي. اهڙي گرم علائقي ۾ سيپڪو عملدار 8 کان 10 ڪلاڪ اڻ اعلانيه لوڊ شيڊنگ ڪري شهرين کي موتمار گرميءَ ۾ تڙپڻ تي مجبور ڪري رهيا آھن ته ٻئي پاسي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آھي. هنن چيو ته شھر جي ڪيترن ئي پاڙن جا ٽرانسفارم سڙيل آھي جيڪي تبديل ڪرڻ لاء سيپڪو عملدار مبينا طور ڳري رشوت طلب ڪري رهيا آھن. هنن اڻ اعلانيه لوڊشيڊنگ ختم ڪري شھر جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرائي ڏيڻ سان گڏ سپريم ڪورٽ ۽ نيب کان مطالبو ڪندي چيو ته سيپڪو عملدارن جي آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ڪرائي قومي ناڻو لٽيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري شهرين پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو