ايس ايس پي اسڪواڊ جي انچارج خلاف احتجاج

مدئجي(نويد دل) ڳوٺ سهتا جي رهواسين مسمات دلشاد خاتون، قائمه خاتون،عابد علي شعيب سهتو ۽ معصوم ٻارن پنهنجي ئي برادري جي پوليس اهلڪار اياز سهتو جي مبينه ناجائزين خلاف عوامي پريس ڪلب آڏو حتجاج ڪيو، هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته رمضان شريف جي مهيني 29 مئي تي ٻارن جي معمولي ڳالھ تان ايس ايس پي شڪارپور اسڪواڊ جي انچارج اياز سهتو ۽ سندس ساٿين گهر تي حملو ڪري  نوجوان بادام خاتون،سهيل سهتو ۽ عابد علي کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪيو هو. بعد ۾ مسمات دلشاد جي فرياد تي مدئجي ٿاڻي تي ڇهن ڄڻن تي ڪيس داخل ٿيو ۽ مدئجي پوليس مک جوابدار پوليس اهلڪار اياز سهتو،سميت ڄڻن کي جيل اماڻي ڇڏيو هو. بعد ۾ اياز سهتو واري ڌر ڳوٺ جا چڱا مڙس ۽ قران پاڪ ساڻ ڪري ميڙ آيا ۽ اسين ڪيس جي پوئواري نه ڪئي ۽ هو آزاد ٿي ويا. هاڻ فيصلو ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آھن. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته پي سي اياز سهتو خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اياز سهتو ٻڌايو ته اسان فيصلو ڪرڻ لاءِ تيار آھيون،جڏھن به فيصلي جي تاريخ وٺڻ لاءِ ھلن هو حاضر آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو