ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ميرپور ماٿيلو( رپورٽ ظھير وسير) ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جو فيصلو، خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ماڻهن ۾ ڪورونا خلاف سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. تفصيل موجب ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائرس جي پيش نظر ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۽ امڪاني اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ ڪمانڊر آرٽلري 16 ڊويزن پنوعاقل ڪينٽ برگيڊيئر راشد نديم جي صدارت هيٺ هڪ اهم گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڊي سي گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ، ليفٽيننٽ ڪرنل احمد نواز سواتي، ايس ايس پي عمر طفيل، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس سميت پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي برگيڊيئر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ ڪورونا وائر جا ڪيس گهٽ آهن ان باوجود موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي وائرس خلاف جوڳا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڇو ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪيس وڌي وڃڻ جو خدشو موجود آهي، هن چيو ته ماڻهن کي قائل ڪيو وڃي هو لازمي طور ماسڪ استعمال ڪن، ماسڪ استعمال ڪرڻ سان 50 سيڪڙو تائين ڪيس گهٽجي سگهن ٿا، ڊاڪٽرن کي به گهرجي ته هو پنهنجي مريضن توڙي عام ماڻهن کي ڪورونا جي نقصانن کان آگاه ڪن ڇو ته جيستائين ماڻهن ۾ ڪورونا خلاف سجاڳي پيدا نه ٿيندي تيستائين مشڪل کي منهن ڏيڻو پوندو. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪندي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين خلاف ناڪارا پروپيگندا ڪن ٿا انڪري عوام کي اهڙن بي بنياد افواهن تي ڌياڻ ڏيڻ بدران ويڪسين لڳرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ رجسٽريشن حاصل ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمنشر محمد عثمان عبدﷲ ڳالهائيندي چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کس هدايتون جاري ڪيو ويون آهن، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي پئي وڃي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ لاءِ رجسٽريشن حاصل ڪن پيا جڏهن ته سنڌ حڪومت جي پاليسي مطابق انڊور تقريبن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ايس ايس پي عمر طفيل ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن مطابق مقرر ڪيل وقت تي ڪاروبار بند ڪرائڻ جي حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي آهي جنهن تي مڪمل عمل ڪرايو ويندو. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر عبدالرزاق مرڻاس ٻڌايو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ هن وقت 95 ڪورونا جا ڪيس آهن جن جو علاج جاري آهي جڏهن ته ضلعي جي پنجن ئي اسپتالن ۾ آئسوليشن سينٽر به قائم ٿيل آهن جن ۾ لڳ ڀڳ 200 بيڊ موجود آهن، جڏهن ته آڪسيجن جي کوٽ بالڪل ناهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو