ايريگيشن عملي ۽ کاتيدارن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

صالح پٽ (نياز مهر ) چئنل واهه آرڊي 104 جي ليفٽ ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن کي کاتيدارن لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي ٽن ڄڻن داروغو عرض محمد مهر، بيلدار احمد ملاح ۽ جاڙو ڀنڀرو کي زخمي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جهيڙي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻه ڄڻا علي ڏنو بهڻ ۽ محمد صالح بهڻ لٺيون لڳڻ سبب پڻ زخمي ٿي پيا. کاتيدارن جي ناجائزين خلاف آبپاشي کاتي جي عملدارن پوليس اسٽيشن صالح پٽ اڳيان احتجاجي مظاهروڪندي دانهيو ته اسان ڊيوٽي دوران آرڊي 104 چئنل سان لڳل واٽر ڪورس ڏسڻ لاءِ وياسين ته واٽر ڪورس آر 16 وٽ مهر برداري جي ماڻهن واٽر ڪورس ڀڃي ڇڏيو هو جيڪو ٺاهڻ لاءِ وياسين ته ڪوڙو مهر، رشيد مهر، ايوب مهر، ڏڻي بخش مهر ۽ ٻين لٺيون، مڪون ۽ ڏنڊا هڻي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي جڏهن ته لٺيون لڳڻ سبب علي ڏنو بهڻ ۽ محمد صالح بهڻ به زخمي ٿي پيا. اسان اهڙي دانهن کڻي صالح پٽ پوليس وٽ آيا آهيون ليڪن صالح پٽ پوليس سرڪاري ادارن جي ڪا به مدد نٿي ڪري. ٻئي طرف صالح پٽ پوليس ٻڌايو ته آبپاشي عملدارن ٿاڻي تي پهچي دانهيو آهي ته کين کاتيدارن تشدد ڪيو آهي اسان زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو آهي جڏهن ته وڌيڪ انڪوائري ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو