ايراني تيل سان ڀريل ٽئنڪر ڊرائيورن سان ڊيل نه ٿيڻ تي ڪيس داخل

ڳڙهي ياسين( ن س) ايس ايس پي شڪارپور جو پي ايس او سڏائيندڙ شڪارپور باء پاس تي ڇاپو هڻي اسمگلنگ ٿيندڙ ايراني تيل هٿ ڪري ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي تيل سان ڀريل ٽي 10 ويلر ٽرڪون بيهاري ڇڏيون. ٽرڪ ڊرائيورن سان ڊيل جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ تي مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيون. هو شڪارپور ٿاڻي تي کڻي وڃڻ بجاء ٽنهي گاڏين کي ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي آندو. پوليس ڪاروائي خلاف ڊرائيورن ڳڙهي ياسين ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ڊرائيور نورحسن؛ صدام حسين؛ محمد يوسف ۽ ٻين چيو ته پوليس اسان کي شڪارپور باء پاس تي روڪي اسان مٿان تشدد ڪري ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي آڻي ايراني تيل اسمگلنگ ٿا ڪريو جا دڙڪا داٻا ۽ ڌمڪيون ڏئي 55 هزار روڪ رقم موبائل فونون ڦر ڪري وڌيڪ 3 لکن جي گهر ڪئي نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو