اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب اجلاس ۾ اهم وفاقي وزيرن سميت عسڪري قيادت شريڪ ٿيندي، جنهن ۾ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا تڪرار سميت ٻيا اهم معاملا غور هيٺ ايندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ خطي جي موجوده صورتحال، اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي معاملن تي غور ٿيندو.










