ايئرپورٽ تي پان،ڇاليا، گٽڪو ۽ سگريٽ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سول ايوي ايشن اٿارٽي ايئرپورٽ تي پرپن، ڇليا، گٽڪي ۽ سگريٽ نوشي تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.سول ايوي ايشن اٿارٽي ايئر لائنز سميت سمورن ڪمپنين جي ملازمن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ کين پنن، ڇليا، گٽڪي ۽ سگريٽ نوشي تي پابندي بابت آگاهي ڏني وئي آهي. سي اي اي پاران جاري ڪيل حڪمن ۾ چيو ويو آهي ته اها پابندي 6 نومبر کان لاڳو ٿيندي.پان، گٽڪا ۽ ڇليا کائڻ وارن ملازمن جا ايئرپورٽ انٽري پاس منسوخ ڪيا ويندا جڏهن ته پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي هڪ هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو