اوگرا پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اوگرا پيٽروليم شين ۾ واڌ جي سمري وزارت پيٽروليم کي موڪلي ڇڏي آهي. نئين سال جي پهرين ڏينهن تي عوام کي تحفو ڏيڻ لاءِ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم وزارت ڏانهن موڪلي وئي آهي سمري موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 61 پيسا جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 3 رپيا 10 پيسا في ليٽر وڌائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اوگرا طرفان موڪليل سمري ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 25 پيسا جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 8 پيسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته پيٽروليم شين ۾ واڌ جو حتمي فيصلو حڪومت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو