اوائلي اسڪول کي بنيادي سهولتون ڏئي اپ گريڊ ڪيو وڃي، ڳوٺاڻن جو مطالبو

سلطانپور( رپورٽ زاهد مهر) سلطانپور ڀرسان قديمي پرائمري اسڪول امين مهر اختيارين جي بي ڌياني سبب بنيادي سهولتن کان محروم، پاڪستان آزاد ٿيڻ کان به اڳ ۾ قائم ٿيل اسڪول کي ٽيهتر سال گذري وڃڻ باوجود اپ گريڊ ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي کيس پورو اسٽاف ملي سگهيو. پاڻي، واش روم، فرنيچر، بجلي ٻيون بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون. اسڪول ۾ 1950ع کان پراڻو رڪارڊ به موجود،  ڪيترائي سرڪاري عملدار توڙي ڪامورا هن تعليمي اداري مان تعليم پرائي اعلي عهدن تي پهتا. 1946ع ۾ قائم ٿيل هن اسڪول کي پهريان ڇپري هيٺ هلايو ويو ۽ بعد ۾ 1988ع ۾ ان وقت جي چونڊيل ايم اين اي غلام محمد خان مهر هن اسڪول جي بلڊنگ جو بنياد رکيو. ان کانپوءِ صرف هڪ ڀيرو 1995ع ۾ مرمت ٿي. علائقي جي آس پاس موجود اسڪولن کي سياسي توڙي سفارشي بنياد تي نيون عمارتون ته مهيا ڪيون ويون ۽ کين پرائمري کان مڊل تائين اپ گريڊ به ڪيو ويو پر هن اوائلي اسڪول سان اختيارن پاران ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي. 200 جي لڳ ڀڳ پڙهندڙ شاگرد توڙي شاگردياڻيون بنيادي سهولتن جي کوٽ هجڻ ڪري ڏکيائن کي منهن پڻ ڏئي رهيا آهن. استادن، شاگردن ۽ سندن والدين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي هن اسڪول جي عمارت زبون ٿي رهي آهي، ڇت ۽ ديواريون ڪمزور آهن جيڪي ڪڏهن به هيٺ ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪو وڏو حادثو پيش اچڻ جو انديشو رهي ٿو. هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سلطانپور جي قديمي پرائمري اسڪول امين مهر کي بنيادي سهولتون ڏئي اپ گريڊ ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو