اهو غلط آهي ته مون کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو: اٽارني جنرل

اهو غلط آهي ته مون کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو: اٽارني جنرل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اٽارني جنرل پاڪستان بئريسٽر شهزاد الاهي گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.اٽارني جنرل بئريسٽر شهزاد الاهي پنهنجي استعيفيٰ 24 مارچ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي موڪلي ڇڏي هئي.استعيفيٰ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي سببن جي ڪري فرض سرانجام نه ڏئي سگهيو آهيان، ملڪ جي 37هين اٽارني جنرل طور فرض سرانجام ڏيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.اٽارني جنرل شهزاد الاهي چيو ته صدر پاڪستان کي درخواست آهي ته منهنجي استعيفيٰ فوري طور قبول ڪئي وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ بئريسٽر شهزاد الاهي چيو آهي ته اها ڳالهه سراسر غلط آهي ته مون کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو، جڏهن حڪومت جي اعليٰ عملدارن کي ان بابت آگاهه ڪيو ويو ته انهن استعيفيٰ اڃا تائين صدر ڏانهن نه موڪلڻ جو چيو. شهزاد الاهي جو چوڻ آهي ته ان تي مون پنهنجي اصل استعيفيٰ حڪومت جي سينيئر وزير کي ڏني هئي.هن چيو ته هن اهو ان ڪري ڪيو ته جيئن حڪومت پنهنجي سهولت موجب منهنجي استعيفيٰ صدر ڏانهن موڪلي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو