لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي سيڪنڊ اليمينيٽر ميچ ۾ پشاور ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. لاهور قلندر جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو ته هو ٽاس کٽي بولنگ ڪن ها. پشاور زلمي 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنز ٺاهيون. جواب ۾ لاهور 4 وڪيٽن تان پشاور کي شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. وننگ شاٽ شاهين آفريدي کيڏي 2 رنز گهربل هيون ته هن ڇڪو هڻي ميچ فنش ڪئي 7 بال اڃا باقي هئا. ان کان اڳ لاهور جي اننگ مرزا طاهر بيگ ۽ فخر الزمان شروع ڪئي. ٻئي اوور ۾ فخر ڪيريز مان ٻاهر نڪري عظمت الله عمرزئي کي وڏي هٽ ڪرڻ لاءِ آيو پر 14 جي مجموعي اسڪور تي 6 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد لاهور جي نئين رانديگر احسن ڀٽي آيو جنهن جارحاڻي شروعات ڪندي بهترين اسٽروڪس کيڏيا ۽ اسڪور اڳتي وڌايو پر هو وهاب رياض جي بال تي حسيب الله خان هٿان 10 بالن تي 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. جنهن بعد بيگ ۽ عبدالله شفيق اسڪور اڳتي وڌايو پر سيالڪوٽ جي هن جوڙي ۾ غلط فهمي دور نه ٿي سگهي هڪ دفعو رن آئوٽ کا بچا پر بعد ۾ صائم ايوب جي اوور ۾ بابر جي ٿرو تي عبدالله شفيق رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد طاهر بيگ ففٽي مڪمل ڪئي ، ٻن ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 42 بالن تي 54 رنز ٺاهي عامر جمال جي بال تي حسيب الله هٿان 119 جي مجموعي اسڪور تي ڪيچ ٿيو. سيم بلنگز 3 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 28 رنز ٺاهي سلمان ارشاد جي يارڪر تي بولڊ ٿيو، جنهن بعد ڊيوڊ ويزي ۽ سڪندر رضا اسڪور اڳتي وڌايو. 17 اوور مڪمل ٿين تي 5 وڪيٽن تي 155 رنز لاهور ٺاهي ورتيون. 18 بالن تي 17 رنز گهربل هيون، عظمت الله جي بال تي ڪيچ ڊراپ ٿيو ۽ چوڪو لڳس پر هن فل ٽاس بال تي سڪندر کي بولڊ ڪيو، جنهن 23 رنز ٺاهيون. ان بعد شاهين آفريدي آيو. ان کان اڳ پشاور پاران صائم ايوب ۽ بابر اعواڻ اننگ جي شروعات ڪئي. صائم ايوب شاهين آفريدي کي پهرين اوور ۾ 2 چوڪا هڻي 9 رنز ٺاهيون پر ٻئي اوور ۾ زمان خان کيس بولڊ ڪيو. جنهن بعد محمد حارث ۽ بابر اعواڻ اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 34 بالن تي 54 رنز جي پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ 8 اوورز ۾ پشاور جو اسڪور 76 تي پهچايو. يارهين اوور ۾ پشاور جون 100 رنز ۽ حارث جي ففٽي مڪمل ٿي، پر بابر ففٽي مڪمل نه ڪري سگهيو7 چوڪن جي مدد سان 36 بالن تي 42 رنز ٺاهي راشد خان جي بال تي ايل بي دبليو ٿي ويو. راشد خان ٽوم ڪيڊمور کي پنهنجي بال تي ڪيچ ڪري ٻن بالن تي 2 وڪيٽون ورتيون پر هيٽ ٽرڪ نه ڪري سگهيو. محمد حارث ٻن ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 54 بالن تي 85 رنز ٺاهي شاهين آفريدي جي آخري اوور جي آخري بال تي فّر هٿان بائونڊري تي ڪيچ ٿيو پر ان وقت تائين پشاور جو اسڪور 150 کان مٿي وڃي چڪو هو. جنهن بعد راجا پڪسا ۽ عامر جمال اسڪور اڳتي وڌايو. آخري اوور ۾ عامر جمال کي بولڊ ڪيو.
