ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ ڊالر 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڊالر 265 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 261 رپيا 50 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 267 رپين تي برقرار آهي.
