ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو اڄ به جاري آهي.انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 2 رپيا 88 پئسا واڌ ٿي وئي آهي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا 228 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به منفي ڪاروباري رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ 100 انڊيڪس 330 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 40129 تي واپار ڪري رهيو آهي.










