ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل لاٿ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي، جنهن سبب پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي.اڄ ڪاروبار جي شروعات تي، انٽربينڪ تي ڊالر جي قيمت وڌيڪ گهٽجي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 41 پئسا سستو ٿيڻ بعد ڊالر 284 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 284 رپيا 91 پئسا تي بند ٿيو.










