پوليس جو انوکو ڪارنامو،نابين مٿان قتل جو ڪيس داخل

ڳڙهي ياسين(ن س ) ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين مقصود احمد جلباڻي ڳوٺ نوشهرو ابڙو تي چڙھائي ڪري شر برادري جي گهرن ۾ گهڙي اکين کان نابين عبدالرحمٰن شر ۽ امداد شر کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ اکين کان نابين عبدالرحمٰن شر ٻڌايو ته اسان کي پنهنجي برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ آھي پوليس ناجائزي ڪري منهنجو نالو ڪيس ۾ ڏنو آهي جڏهن ته مان اکين کان نابين آهيان مون سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين ٻڌايو ته گرفتار ٿيل ٻنهي جوابدارن مٿان قتل جا ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن جن کي نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ تان چيڪنگ دوران گرفتار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو