لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور رانديگر انضمام الحق کي چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، انضمام الحق کي قومي ٽيم جو چيف سليڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چارج سنڀالڻ کانپوءِ انضمام الحق افغانستان خلاف سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي چونڊ ڪندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سليڪشن ڪميٽي جي قيام کانپوءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن ۾ وائيٽ بال ۽ ريڊ بال ڪيٽيگريز کي ختم ڪيو ويندو ۽ رانديگرن جي معاوضي ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو.
