انسٽاگرام جو ڊيسڪ ٽاپ ورزن بهتر بڻايو ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن توهان ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر تي انسٽاگرام استعمال ڪندا آهيو، سٺي خبر اها آهي ته اهو تمام گهڻو بهتر ٿي رهيو آهي.انسٽاگرام ويب ورزن لاءِ نئين ڊيزائن متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.اها ڳالهه انسٽاگرام جي سربراهه آدم مساري هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي.هن چيو ته اسان ڄاڻون ٿا ته ڪيترائي ماڻهو انسٽاگرام جو ويب ورجن استعمال ڪندا آهن ۽ ان ڪري اسان ان کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا.نئين ڊيزائن استعمال ڪرڻ آسان آهي، هن نئين ڊيزائن ۾ آئڪن جهڙوڪ گهر، ڳولا ۽ ٻين کي پاسي ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.پڻ نئين سائڊبار کي اسڪرين جي مطابق وڌائي سگھجي ٿو.هي نئون ڊيزائن آهستي آهستي سڀني صارفين لاءِ دستياب هوندو ۽ انسٽاگرام کي وڏي مانيٽر تي استعمال ڪرڻ جي تجربي کي بهتر بڻائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو