انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو،جبري گمشدگين خلاف احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) دنيا اندر هڪ طرف انساني حقن جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي ته ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن مان گم ٿيل سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين جي بازيابيءَ لاءِ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. مورو مان اياز سولنگي مطابق جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر طرفان سنڌ مان سياسي ڪارڪنن، قومي ڪارڪنن، اديبن، پروفيسر جي جبري گمشدگين جي عالمي ڏھاڙي تي پريس ڪلب تي بک ھڙتال ڪئي وئي جن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي لکيل تي سنڌ مان سياسي جبري گمشدگيون بند ڪيو ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن، اديبن، پروفيسرن، نوجوانن، شاگردن، شاعرن کي آزاد ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن شاھنواز سنڌي، ڀيرومل، ھاشم کوسو، بلاول ڏاھري، ابرار مورائي ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان لاتعداد جبري گمشدگيون ٿين پيون ۽ سوين سنڌ جا پٽ گم آھن جن تي ڪوبه ڪيس ۽ ڏوھ وغيرهه ناھي جيڪڏهن ڪنھن جو ڏوھ آھي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي جبري کنڀي گم ڪرڻ عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. *** شهدادڪوٽ مطان شاهد اعواڻ مطابق نساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سماجي تنظيم شرڪت گاهه پاران سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ وهاب پندراڻي ، حاجل سيلرو، شانل کوسو، غفارپندراڻي، ساجده بروهي، پورهيت اڳواڻ عرس سيلرو،  شهري اتحاد جي اڳواڻ  عبدالوحيد ڀٽي، ڪائونسلر انيل ڪمار گرناڻي ، ايڊووڪيٽ پرويز شيخ ، شرڪت گاهه جي فوڪل پرسن وڪيل ڪمبوه ۽ ٻين چيو ته موجوده حالتن ۾ انساني حقن جي صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي.

مڪروه قوتون اهڙي ڪڌي عمل کي روڪڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي خوف کان اسان گروهه بندي ۾ تقسيم ڪري ڪمزور ڪري رهيون آهن جن خلاف شعور سان جنگ ڪرڻي پوندي. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جانورکي به حق ملن پيا پر اسين اهڙي ڀيانڪ سماج ۾ رهون ٿا جتي انسان کي بنيادي سهولتون به ميسرناهن عورتن سان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زيادتيون ڪيون پيون وڃن ننڍي عمر جي نياڻين کي اغوا ڪري جنسي حوس جونشاڻو بڻائي کين قتل ڪرڻ سميت جنسي دهشتگردي عروج تي پهتل آهي. معصوم نياڻين کي جنسي حوس جو شڪارهجڻ جي درندگي جهڙن واقعن ۾ عام ماڻهو سميت رت جا رشتا ملوث آهن اهڙو معاشرو خبر ناهي ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي. تعليم سميت مختلف ادارن ۾ اڄ به شاگردياڻين ۽ عورتن کي حراسان ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ آهي جنهن سبب شاگردياڻيون پريشان ٿي زندگي ختم ڪرڻ تي مجبور آهن. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سميت شريڪ عورتن مذهب معاشري جي قيام لاءِ انسانيت جي دشمن جنسي دهشتگردن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪيو.  *** ٽنڊو مستي مان نادر علي اڄڻ مطابق ڊرٻ ميهر شاھ ۾ انساني حقن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ کنڀني گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن حبيب الله اڄڻ، ذوالفقار اڄڻ، شاهد ايوب، وقار ايوب ڪانڌڙو مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن محمد ايوب ڪانڌڙو، ڪاشف ٽڳڙ، سيد مسعود شاھ، شادي خان سومرو، گلشير ٽڳڙ کي سالن کان گم ڪيو ويو آھي سنڌ  جي حقن جي ڳالھ ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي جيڪا انساني حقن جي توهين آھي. ايوب ڪانڌڙو کي هن وقت تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو  جيڪڏھن سندس ڪوئي ڏوھ آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪارڪنن انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي انساني حقن وارين تنظيمن چيف جسٽس آف پاڪستان کان گهر ڪئي ته جلد گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق پاڪستان ھيومن رائيٽس فورم ضلع دادو پاران عالمي انساني حقوق جي ڏينهن جي حوالي سان ايس ايس پي آفيس دادو کان نيشنل  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي عبدالجبار ميمڻ، محمد ابراهيم جمالي، مدد ڪوريجو، مير رضوان ميمڻ، پروفيسر عرفان ڪلھوڙو ۽ ٻين چيو ته ڪشميري ڀائرن ۽ دنيا جي اندر رھندڙ مظلوم انسانن کي حق ڏنا وڃن ۽ دنيا اندر ٿيندڙ نا انصافيون ۽ مظلومن جو حق تلخيون بند ڪيون وڃن. *** لاڙڪاڻو مان عبدالوحيد ابڙو مطابق انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي کنڀي گم ڪيل نوجوان محمد رفيق عمراڻي جي آزادي لاءِ وارثن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي غلام رسول عمراڻي، عبداللطيف عمراڻي، حسين بخش عمراڻي، منصور عباسي، سجاد علي جويو، قربان علي عمراڻي ۽ ٻين چيو ته اسان هن ملڪ جا رهواسي آهيون ۽ وطن سان پيار ڪرڻ وارا آهيون، اسان سان اهڙو ورتاءُ ڇو ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته هن ملڪ پاڪستان ۾ اسان جو اهو رشتو آهي جو تا قيامت تائين ٽٽڻو ناهي پوءِ به ڌارين وارو سلوڪ ڇو ٿو ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه، وزيراعظم پاڪستان عمران خان، آرمي چيف قمر جاويد باجوه سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا محمد رفيق عمراڻي کي آزاد ڪرائي سندس گهر ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو