لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته انساني حقن جا ڪارڪن بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلمن تي آواز ڇو نه ٿا اٿارين؟ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته اسان سڀ بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلمن تي آواز اٿاريون ٿا، بلوچستان ۾ روزانو دهشتگردن خلاف آپريشن ٿي رهيا آهن، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا.عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب حڪومت جو ترجيحي ايجنڊا صحت آهي، مريم نواز صحت جي شعبي جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، صحت ڪارڊ تي مريضن جو علاج اڃا تائين جاري آهي، صحت ڪارڊ بند ڪرڻ بابت پروپيگنڊا ڪئي وئي.هن چيو ته صحت ڪارڊ خانگي اسپتالن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي، سرڪاري اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، صحت ڪارڊ جون آڊٽ رپورٽون جلد عام ڪيون وينديون. صوبائي وزير چيو ته پنجاب اڳ ۾ سندس احتجاج جي سڏ جو جواب نه ڏنو ۽ هاڻي به جواب نه ڏيندو، پي ٽي آءِ تحريڪ لاءِ ڪي پي حڪومت کان فنڊ واپس وٺڻ جون خبرون آهن.عظميٰ بخاري چيو ته تيز برسات دوران پاڻي جو جمع ٿيڻ هڪ قدرتي عمل آهي. سوشل ميڊيا تي برسات جي پاڻي جون تصويرون شيئر ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي تصويرون ڊي ايڇ اي جون هيون. ڊي ايڇ اي اسان جي اختيار ۾ نه ٿو اچي. ڊي ايڇ اي جي ماڻهن کي انهن کان پڇڻ گهرجي جن کي اهي ووٽ ڏين ٿا.










