انجنيئرن جو احتجاج، قومي ايئر لائن  جو فلائيٽ آپريشن بند

انجنيئرن جو احتجاج، قومي ايئر لائن جو فلائيٽ آپريشن بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هوائي جهاز جي انجنيئرن جي احتجاج جي ڪري قومي ايئر لائن جون اڏامون متاثر ٿيون آهن، فلائيٽ آپريشن بند ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، سومر جي رات 8 وڳي کان قومي ايئر لائن جون بين الاقوامي اڏامون روانگي نه ٿي سگهيون آهن، ڪيتريون ئي اڏامون دير سان ٿيون آهن، جنهن ڪري مسافرن کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، متاثر مسافرن مان هڪ وڏو انگ عمري زائرين جو آهي.سوسائٽي آف ايئر ڪرافٽ انجنيئرز موجب، اهي ان وقت تائين ڪم نه ڪندا جيستائين قومي ايئر لائن جو سي اي او پنهنجو رويو درست نه ڪري ۽ جهازن کي اڏام لاءِ ڪليئرنس ڏيڻ بند نه ڪري.قومي ايئر لائن جي سي اي او هوائي جهاز جي انجنيئرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.قومي ايئر لائن جي ترجمان چيو آهي ته انتظاميه ٻين ايئر لائنز کان متبادل انجنيئرنگ سروسز حاصل ڪري رهي آهي، سڀئي پروازون جلد روانيون ڪيون وينديون.ترجمان چيو ته سوسائٽي آف ايئر ڪرافٽ انجنيئرز جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، تحريڪ جو بنيادي مقصد قومي ايئر لائن جي نجڪاري کي سبوتاژ ڪرڻ آهي.هن چيو ته هڪ ئي وقت حفاظت جي بهاني منصوبي تحت ڪم ڇڏڻ هڪ خوفناڪ سازش آهي، قومي ايئر لائن ۾ ضروري خدمتن جو ايڪٽ لاڳو آهي، هڙتال يا ڪم ڇڏڻ هڪ قانوني جرم آهي ۽ ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو