انتظاميا ٻوڏ متاثرين مسڪين ماروئڙن کي دربدر ڪري ڇڏيو،احتجاج

انتظاميا ٻوڏ متاثرين مسڪين ماروئڙن کي دربدر ڪري ڇڏيو،احتجاج

دادو(ن سنڌيار ) دادو ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثرين مسڪين ماروئڙن کي دربدر ڪري ڇڏيو يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙو ڳوٺ حاجي ماهي خاصخيلي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو ٻئي طرف ،ٿرڙي جادو شهيد جي ٻوڏ متاثرين اياز ٻٻر، شاهنواز مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ ڊي سي هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا اڳيان دانهيندين چيو ته اسان جي علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿيو نه ئي متاثرين کي راشن فراهم ڪيو پيو وڃي ڏيڍ مهيني کان دربدر آهيون خاندان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار آهي، ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ڏيڍ مهيني کان ڊي سي دادو آفيس ۾ نه ٿو ويهي، نه ٽينٽ مليو نه ئي راشن فراهم ڪيو پيو وڃي سنڌ سرڪار پاران مليل راشن ڊي سي دادو مال غنيمت سمجهي من پسند ماڻهن ۽ وڏيرن کي ڏئي رهيو آهي وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين خاندانن لاءِ 25 هزار في خاندان جو اعلان ڪيو اهو به نه ملي سگهيو آهي ڊي سي هائوس تي هزارين ٽينٽ ۽ راشن جا ٻورا پيل آهن ان باوجود متاثر دربدر آهن جلد راشن، ٽينٽ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو