اميد آهي ته پي ٽي آءِ آئيني مسودي جي حمايت ڪندي، مولانا

اميد آهي ته پي ٽي آءِ آئيني مسودي جي حمايت ڪندي، مولانا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پ پ ۽ جي يو آءِ ۾ آئيني ترميم تي اتفاق ٿي ويو آهي، ان کانپوءِ لاهور ۾ ن ليگ قيادت سان وڌيڪ مشاورت ڪئي وئي.اسلام آباد ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت جن نقطن تي اعتراض ڪيو اهي واپس وٺڻ تي راضي ٿي ويا.هن چيو ته بل جي حوالي سان اسان ۾ ڪو به تڪرار ناهي، پي ٽي آءِ کي به اعتماد ۾ ورتو ويو، انهن سان مشاورت جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو