ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جو بگ بي اميتاڀ بچن ٽي وي شو ”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“ جي شوٽنگ دوران زخمي ٿي پيو.ميڊيا رپورٽن موجب اميتاڀ بچن پاڻ پنهنجي مداحن کي حادثي بابت آگاهي ڏني.اميتاڀ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ شو ”ڪون بنيگا ڪروڙ پتي“ جي شوٽنگ دوران منهنجي کاٻي ٽنگ جي رڳ تيز اوزار سان ڪٽي وئي هئي، جنهن سبب تمام گهڻو رت وهڻ لڳو هو.هن چيو ته رڳ ڪٽجڻ سبب مون کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي منهنجي ٽنگ ۾ ڪجهه ٽانڪا لڳايا ويا ۽ ڊاڪٽرن مونکي هلڻ کان منع ڪئي.










