امريڪا، ايران ڇڪتاڻ، سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وزارت داخلا سنڌ پاران سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. 2 ڏينهن اڳ ايراني پاسداران انقلاب جي القدس فورس جي سربراهه ميجر جنرل قاسم سليماني عراق ۾ آمريڪي راڪٽ حملي ۾ مارجي ويو هو جنهن کان پوءِ وچ اوڀر خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي پر پاڪستان ۾ به ان جو ردعمل سامهون اچي رهيو آهي. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزارت داخلا سنڌ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ سڀني ڪمشنرن کي خط لکيو آگاهه ڪيو آهي ته آمريڪي ۽ ايراني قونصل خانن جي سيڪيورٽي وڌائي وڃي. ٻئي طرف آمريڪي حملي خلاف ڪراچي ۾ مذهبي تنظيمن پاران جنرل قاسم سليماني تي آمريڪي حملي خلاف ريلي ڪڍي ويندي ان ممڪنه ريلي جي صورت ۾ متبادل ٽريفڪ پلان پڻ ترتيب ڏنو ويو آهي. ٽريفڪ پوليس موجب ريڊ زو ويندڙ سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايم ٽي خان روڊ، مائي ڪولاچي روڊ، ايوان صدر، ڊاڪٽر ضِاءُالدين ۽ کجور چوڪ تائين روڊ ٽريفڪ لاءِ بند رهندا. آءِ سي آءِ چوڪ، جناح برج کان ايم ٽي خان روڊ تي هلندڙ شهري ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ جو رستو وٺـي پنهنجي منزل طرف وڃي سگهندا. ٽريفڪ پوليس جي هدايت مطابق ڪلفٽن کان للي برج، پي آءِ ڊي سي ۽ شاهين ڪامپليڪس ٿيندڙ شهري ضياءُالدين لائٽ سگلن کان ساڄي طرف هوشنگ چوڪ، عبدالله هارون روڊ، فواره چوڪ ۽ ايم آر ڪياني روڊ جو رستو استعمال ڪن. ترجمان مطابق ٽاور کان آءِ آءِ چندريگر روڊ جو رستو اختيار ڪندي پي آءِ ڊي سي يا ايوان صدر طرف ويندڙ ايم آر ڪياني روڊ، فواره چوڪ، آواري لائٽ سگنل جو رستو وٺي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو