امجد اسلام امجد مٽيءَ ماءُ حوالي

امجد اسلام امجد مٽيءَ ماءُ حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ)شاعر، دانشور ۽ ڊراما نگار امجد اسلام امجد کي لاهور جي مياڻي صاحب قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ فوتي جي وارثن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.امجد اسلام امجد جي جنازي نماز ڊفينس فيز 1 جي جامع مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عزيزن، اديبن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.جنازي نماز کانپوءِ امجد اسلام امجد جو مڙهه تدفين لاءِ مياڻي صاحب پهچايو ويو.تدفين وقت امجد اسلام امجد جي مداحن جو وڏو انگ پڻ موجود هو.امجد اسلام امجد کي اڄ صبح دل جو دورو پيو، جيڪو فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو