امام ڪعبه پاڪستان اچڻ واري دعوت قبولي ورتي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران امام ڪعبه الشيخ عبدالرحمان السديس کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي آهي.وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب گذريل ڏينهن ڪعبي جي امام الشيخ عبدالرحمان السديس مسجدالحرام جي ٻين امامن جي گروپن سان گڏ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. گروپ جي ٻين ميمبرن ۾ شيخ شريب، شيخ سعد شتري ۽ شيخ صالح حميد شامل هئا. ملاقات دوران وزيراعظم ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز جي تحت حج انتظامن جي تعريف ڪئي ۽ زائرين کي بهترين سهولتن جي فراهمي تي خادم حرمين شريفين جي تعريف ڪئي.عمران خان ان موقعي تي حاجي سڳورن کي جديد ترين سهوليتن جي فراهمي تي شاهه سلمان بن عبدالعزيز کي خراج تحسين به پيش ڪيو. بيان موجب ملاقات جي دوران وزيراعظم عمران خان امام ڪعبه کي پاڪستان جي ترقي ۽ پاڪستاني عوام جي فلاح ۽ ۽ بهبود جي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي. ياد رهي ته عمران خان سعودي عرب جي ڪامياب دوري کان پوءِ ملڪ واپس پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو