اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو به بحران ناهي: سولنگي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو به بحران ناهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن استعيفيٰ ناهي ڏني،هن چيو ته استعيفيٰ وارن افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي، سيڪريٽري اليڪشن بيمار آهي، جلد صحتياب ٿيندو، اليڪشن ڪميشن مڪمل فعال آهي،نگران وفاقي وزير هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان جي سيڪيورٽي با صلاحيت آهي، ملڪ خطرن جي باوجود اليڪشن ۾ وڃي سگهي ٿو،هن چيو ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ جي ٺهراءُ تي تبصرو نه ڪندس، نگران حڪومت ڪنهن اهڙي سرگرمي جو حصو نه بڻجندي جنهن سان اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت ٿئي

پهنجو تبصرو موڪليو