ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن کي آئين موجب چونڊون ڪرائڻ گهرجن، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مردم شماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نئين تڪبندين جو پابند آهي، اسان کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورن ميمبرن تي مڪمل اعتماد آهي،نگران حڪومت SIFC جا منصوبا جلد کان جلد مڪمل ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي،ملڪ هن وقت معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، جنهن لاءِ اسان سڀني کي سياست ڪرڻ بدران پهرين معيشت جي فڪر ڪرڻ گهرجي،جيڪڏهن ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون .
