حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي عام چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ڪرڻ جي آجيان ڪندي چيو آھي تہ اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ھميشه ناڪام رھي آھي. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي.جمھوريت جي نالي ۾ سوداگرن سنڌ کي ۽ ملڪ کي نقصان ڏنو آھي.اليڪشن ڪميشن ٻڌائي تي شفاف چونڊن لاء ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ جڏھن بہ اليڪشن ٿي آھي تہ حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشہ رڪاوٽون وڌيون ويون آهن. انھن کي دٻائڻ لاء مھرا پيدا ڪري دھشت وارو ماحول جوڙيو ويندو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا ۾ چونڊن جي عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ بايوميٽرڪ مشينون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، اسان جا پاڙيسيري ملڪ شفافيت کي يقيني بنائڻ لاءِ جديد سائنسي قدم کڻن ٿا پر پاڪستان ۾ فرسوده پراڻي طريقي تحت ماڻھو مڙھيا وڃن ٿا، جنھن ڪري عوام جي حالت بد کان بدتر آھي. ملڪ معاشي ۽ سياسي بحرانن مان نڪري نٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي، عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا ويا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.منشيات جو زھر نوجوان نسل کي تباھ ڪري رھيو آھن۔ حڪومت وٽ منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي بحالي جو ڪو بہ منصوبو ناھي۔ اھڙي ڪا اسپتال ناھي جتي منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي صحت کي بھتر ڪري سگھجي ۽ انھن جي ذھني تربيت ڪري سگھجي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پوليس، ايڪسائيز ۽ اينٽي نارڪو ٽڪس جي سرپرستي جي ڪري منشيات جو انسان دشمن ڪاروبار عروج تي پھتل آھي۔ چرس، ھيروئن، آفيم ۽ ٻي منشيات ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ ملي رھي آھي۔ منشيات جو سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن ڪاروبار جي ڪري اھي نوجوان جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪامياب ٿي سگھيا ٿي، اھي ٻين لاء عبرت جو نشان بنجي رھيا آھن۔ حڪمران فوري طور تي اھو ملڪ دشمن، سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن ڪاروبار بند ڪرائين۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ ڏنا وڃن ٿا۔ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا.
