ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن آف سنڌ ڪراچي ميونسپلٽي کي خط لکي آفيسرن جي بدلي ۽ پوسٽنگ کان روڪي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن جي خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ شيڊول جي اعلان کان پوءِ بلدياتي چونڊون ٿيڻ تائين ٽرانسفر پوسٽنگ نه ٿي سگهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته 14 ڊسمبر تي بلديه عظميٰ 4 آفيسرن جي بدلي ڪئي، جن مان 3 گريڊ 19 جا آفيسر ۽ گريڊ 18 جو هڪ آفيسر شامل آهن، چئن آفيسرن جي ٽرانسفر پوسٽنگ خلاف ضابطو آهي.ط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿيڻ تائين ٽرانسفر پوسٽنگ بند ڪئي وڃي.










