اليڪشن مينيج ڪرڻ لاءِ خريداري شروع ٿي وئي

حيدرآباد(ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ قاسم آباد حيدرآباد ۾ اليڪشن مينيج ڪرڻ لاء ماڻھن کي 20 ھزار روپيا ووٽ جي خريداري شروع ٿي وئي آھي. وڏيرن کي پولنگ کٽڻ لاءِ 50 لک ۾ خريد ڪيو پيو وڃي. 15 سالن ۾ عوام جي لٽيل دولت مان ڪجھ ڪروڙ خرچ ڪري وري اربين روپين جي ڦرلٽ جي تياري ڪئي پئي وڃي پر ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نه ڏني ويندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قاسم آباد سنڌ جي پڙھيل لکيل ماڻھن جو اھم شھر آھي پر گھٽيون ڪچري سان ڀريون پيون آھن، گٽر اٿليل آھن، ماڻھن کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ناھي. ٻھراڙين جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آھن. اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي قاسم آباد سميت سڄي سنڌ جي تقدير کي بدلائي ڇڏينداسين. سنڌ جو عوام ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري چڪو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قاسم آباد ۽ حيدرآباد ٻھراڙي جون 4 يوسيون ايڊز جي ريڊ زون ۾ اچن ٿيون. ماڻھو صحت، تعليم جي بنيادي سھولت کان محروم آھن. نوجوانن کي روزگار ناھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ مسوڀرڳڙي، ٽنڊو سعيد خان، واڻڪي وسي، گيلو نوناري، الھ رکيو سولنگي ۽ ٻيا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان محروم آھن، بدامني ۽ منشيات جو ڳڙھ بنايا ويا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو