اليڪشن شيڊول جو اعلان 8 فيبروري کان 54 ڏينهن اڳ ڪيو ويندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته اليڪشن شيڊول جو اعلان 8 فيبروري کان 54 ڏينهن اڳ ڪيو ويندو، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حتمي تڪبنديون شايع ٿي چڪيون آهن باقي سڀ ڪجهه پنهنجي وقت تي ٿيندو،هن چيو ته اسان سڀ ڪجهه وقت کان اڳ ڪري رهيا آهيون، اليڪشن شيڊول، آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي مقرري به وقت تي ٿيندي، هڪ صحافي سوال ڪيو ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز عدليه يا بيوروڪريسي مان ورتا ويندا؟ چيف اليڪشن ڪمشنر مرڪندي جواب ۾ نو ڪمينٽس چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو