الفت جي عالمي ڏينهن تي مرحوم استادن کي ڀيٽا پيش

الفت جي عالمي ڏينهن تي مرحوم استادن کي ڀيٽا پيش

سوسائٽي (رپورٽ غلام رسول مھر) الفت جي عالمي ڏينھن تي المصطفيٰ فائونڊيشن پاران مرحوم استادن، قائم الدين مھر ۽ حافظ گل حسن مھر جي ياد ۾ محبتي ميڙاڪو ڀٽائي آباد، صالح مھر گھوٽڪي سنڌ ۾ ٿي گذريو ،  تعليمي تقريب جي صدارت فائونڊيشن جي چيئر پرسن نياز محمد مھر ڪئي مک مھمان فائونڊيشن جو سرپرست اعليٰ مقبول احمد سومرو ھو، اعزازي مھمان مير حسن مھر (ڀاء حافظ گل حسن) ۽ صفدر علي مھر (پٽ استاد قائم الدين) ھئا . وڇڙي ويل مانائتن استادن جي شاگردن، مٽن مائٽن، دوستن، سماج سڌارڪن، وڪيلن، تعليمي ماھرن ۽ ٻين استاد قائم الدين ۽ حافظ گل حسن مھرجي شخصي زندگين ۽ ڪردار بابت  تقريرون ڪيون ، اسان جا تعليمي مسعلا ۽ انھن جو حل جي حوالي سان پڻ ويچار ونڊيا ويا، فائونڊيشن  جي وائيس چيئر پرسن غلام حسين مھر آجياڻي تقرير ڪئي، ان کان پوء  ٻنهي استادن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ نورحسن، واحد بخش، ادريس مھر، استاد سڪندر علي، وڪيل عبدالستار، اسلم مھر، استاد مير احمد، حسين سارنگ، صفدر علي، مير حسن، مقبول احمد سومرو ۽ نياز محمد مھر سندن شخصي زندگين ۽ ڪردار بابت ويچار ونڊيا .تقريب ۾ امير سومرو، غلام حيدر شيخ ۽ مدھوش مشتاق احمد شاعري پيش ڪئي . فائونڊيشن جي اڳواڻن گوھر سومرو، لطيف مھر، محمد صادق ۽ حفيظ احمد سومرو پڻ تقريب ۾ شريڪ ٿيا .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو