الادين پارڪ تي حددخلين خلاف آپريشن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ الادين پارڪ تي حددخلين خلاف آپريشن، مشينري پهچڻ بعد دڪاندارن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ آپريشن لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري کي طلب ڪيو ويو، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ جو چوڻ آھي تھ آپريشن لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري کي طلب ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم مطابق ڪارروائي ڪري مڪمل رپورٽ ڏني ويندي، ھن جو چوڻ ھو تھ پارڪ جي 52 ايڪڙ زمين تان 10 کان 12 ايڪڙن تي ڪلب ۽ شاپنگ مالز قائم آهن، جڏھن تھ آپريشن جو ٻڌي وڏي انگ ماڻھو بينرز کڻي گڏ ٿي ويا، انتظاميھ خلاف احتجاج جاري آھي. پوليس الادين پارڪ اڳيان گڏ ٿيل مظاھرين مٿان ڪڙڪي پئي، لٺبازي ڪئي وئي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڪيترائي دڪاندار زخمي ٿي پيا، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ بيگناھ شاپنگ سينٽرز ڊاھيا پيا وڃن، ڳالھيون ڪيون وڃن، ظلم ٿي رھيو آھي، پوليس ڳوڙھا گئس جو استعمال ڪيو آھي، اسان جا ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو