اقوام متحده مسعود اظهر کي عالمي دهشت گرد قرار ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن پاران جيشِ محمد جي سربراهه مسعود اظهر کي عالمي دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي ۽ سندس نالو عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. چين پنهنجا اعتراض ختم ڪيا جنهن بعد کيس عالمي دهشتگرد قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ امريڪا مسعود اظهر جو نالو عالمي دهشتگردن جي فهرست ۾ وجهرائڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو هو جنهن جي برطانيا، فرانس ۽ ٻين ملڪن به حمايت ڪئي هئي پر چين پاران ويٽو ڪيو ويو هو. چين چيو هو ته هو جائزو وٺي بعد ۾ راءِ ڏيندو. هاڻي چين پاڪستان کي اعتماد ۾ وٺي اعتراض ختم ڪيو. ڀارت ان کي پنهنجي افارتي فتح سمجهي رهيو آهي. 14 فيبروري تي پلوامه ۾ انڊين سڪيورٽي فورسز تي حملي جي جيش محمد پاران ڊميواري قبول ڪرڻ بعد ڀارت کيس عالمي دهشت گرد قرار ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو