ٺهراءُ ڪير به پاس ڪري پر چونڊون وقت تي ٿينديون، بلاول

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته سينيٽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ٺهراءُ کي منظور ڇو نه ڪيو، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، 2013ع جي چونڊن ۾ ان کان به وڌيڪ اميدوار نااهل ٿيا هئا.هن چيو ته ماضي ۾ جنرل ضياءَ ۽ جنرل حميد گل سياسي پارٽين کي پنجاب تي مسلط ڪيو.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ۾ اسان جو 10 نقاطي ايجنڊا اسان جو منشور آهي.پ پ چيئرمين چيو ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ شفاف ۽ غير جانبدار چونڊون ٿين.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاهور ۾ ڪم ڪرڻ جي ايتري ضرورت آهي جيتري باقي پاڪستان ۾ ناهي، ڏيکاريو پيو وڃي ته لاهور ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته جيڪي هتي 30 سالن کان اقتدار ۾ رهيا آهن انهن جا روڊ سون جا ٺاهيا آهن، مان هتي روڊن تي هليو آيو آهيان، هتي تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته لاهور مان اليڪشن وڙهڻ جو مقصد اهو آهي ته پيپلز پارٽي لاهور کي پنهنجو سمجهي، هن اليڪشن ۾ چونڊ وڙهنداسين. مان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات لاهور کان ڪري رهيو آهيان، شهباز شريف پنهنجو ڪم لاهور ۾ ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان کيس اين ايف سي ايوارڊ ذريعي بااختيار بڻايو، گذريل ٽن صوبائي حڪومتن پنجاب جي عوام کي حق نه ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو